
اسلام آباد: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)سڄي ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ جاري آهي، عام چونڊن 2024 لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي.
اليڪشن ڪميشن طرفان 2 ڏينهن جي واڌ اڄ ختم ٿي ويندي، چئني صوبن ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو عمل اڄ مڪمل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 2 ڏينهن جي واڌ ڪئي هئي، اليڪشن ڪميشن جي نظرثاني ٿيل شيڊول موجب نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 25 کان 30 ڊسمبر تائين ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب رٽرننگ آفيسر جي فيصلن خلاف اپيلون 3 جنوري تائين داخل ڪيون وينديون، پولنگ شيڊول موجب 8 فيبروري 2024 تي ٿيندي.
نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري
ٻئي طرف عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياسي اڳواڻن پاران نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.
لاهور ۾ قومي اسيمبلي جي 14 سيٽن لاءِ 150 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، 30 صوبائي تڪن تي 350 کان وڌيڪ اميدوار قسمت آزمائيندا.
نواز شريف جا ڪاغذ اين اي 123 تان جمع ڪرايا ويندا، جهانگير ترين ٽن تڪن مان چونڊ وڙهندو، اين اي 155، لوڌران جي پي پي 227 ۽ ملتان جي اين اي 149 تان.
پي ٽي آءِ به لاهور مان چونڊ وڙهندي، اين اي 122 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، مريم نواز 5 تڪن تان چونڊ وڙهندي، اين اي 119 ۽ اين اي 120 لاهور ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
بلاول ڀٽو اين اي 128 لاهور مان اليڪشن ۾ حصو وٺندو، اين اي 242 ڪراچي ۾ شهباز شريف جا ڪاغذ جمع ٿي ويا آهن، ن ليگ صدر جو مصطفيٰ ڪمال ۽ قادر مندوخيل ۾ مقابلو متوقع آهي، محمود خان سوات جي 4 تڪن تان وڙهندو.
ان کان علاوه نواز شريف اين اي 15 مانسهره مان چونڊن ۾ حصو وٺندو، پي ٽي آءِ جي باني ميانوالي جي سيٽ اين اي 89 تان ڪاغذ جمع ڪرايا ويا.
اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف به قصور جي تڪ اين اي 132 تان ڪاغذ جمع ڪرايا، فواد چوڌري جي گهرواري حبا فواد چوڌري اين اي 61 جهلم مان آزاد اميدوار طور سامهون اچي وئي، مسلم ليگ ق جي چوڌري سالڪ حسين اين اي 64 تان ڪاغذ جمع ڪرايا.
آصف زرداري اين اي 207 نوابشاهه تان وڙهندو، پرويز خٽڪ اين اي 33 نوشهره ۽ 2 صوبائي سيٽن تان پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايا، سراج الحق اين اي 7 لوئر تان قسمت آزمائيندو.
مصطفيٰ ڪمال اين اي 242 ۽ اين اي 247 ڪراچي تان ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، پي ٽي آءِ باني لاهور جي تڪ اين اي 122 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، عطاءُ الله تارڙ پي پي 35 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
ياد رهي ته گذريل چئن ڏينهن دوران ڪيترن ئي سياسي اڳواڻن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ وصول ڪري جمع ڪرايا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language