welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بلاول ڀٽو زرداري پاران اين اي 128 بدران لاهور جي ٻئي تڪ تان چونڊ وڙهڻ جو فيصلو

ڪراچي: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)باوثوق ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي اين اي 128 تان چونڊ وڙهڻ جي تجويز تي اختلاف راءِ اچڻ کانپوءِ فيصلو تبديل ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو کي هاڻي اين اي 127 لاهور مان قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهڻ جو مشورو ڏنو پيو وڃي، جنهن لاءِ اهو جواز پيش ڪيو پيو وڃي ته اين اي 128 ڪڏهن به پارٽي لاءِ فائديمند ناهي رهيو. بلاول ڀٽو پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 لاهور تان وڙهڻ جو امڪان آهي، نامزدگي ڪاغذ اڄ رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهجن ٿا. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جو باني عمران خان لاهور جي تڪ اين اي 122 تان چونڊ وڙهندو جڏهن ته مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر مريم نواز لاهور جي تڪ اين اي 119 ۽ اين اي 120 ۽ پنجاب اسيمبلي جي ٽن تڪن تان چونڊ وڙهندي. لاهور مان تڪبندين جا ڪاغذ به جمع ڪرايا ويا آهن

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے