welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا ۾ مندر جي ڀتين تي مودي مخالف ۽ خالصتان نواز نعرا

ڪيليفورينيا: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جي هڪ مندر جي ڀتين تي مودي مخالف ۽ خالصتان نواز تحريڪ جا نعرا لکيل هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب واقعو ڪيليفورنيا جي شهر نيوارڪ ۾ واقع سوامي نارائن مندر واسنا سنسٿا ۾ پيش آيو، جنهن جي ڀتين تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي خلاف هندن خلاف نعرا لکيل هئا. ان حوالي سان هندو آمريڪن فائونڊيشن مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ايڪس تي مندر تي لکيل نعرن جون تصويرون به جاري ڪيون آهن. فائونڊيشن چيو ته اهي نفرت ڪندڙ نعرا مندر جي زائرين ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاء لکيا ويا آهن ۽ ساڳئي وقت اهي تشدد جي خوف کي باهه ڏئي رهيا آهن. هوڏانهن مندر انتظاميه ٻڌايو آهي ته واقعو خميس جي رات پيش آيو ۽ مندر جي ڀرسان رهندڙ هڪ هندو شخص مندر تي لکيل نعرا ڏسي انتظاميا کي آگاهي ڏني. ان سلسلي ۾ نيورڪي پوليس ڊپارٽمينٽ آف جسٽس سول رائٽس ڊويزن واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ پوليس معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي طرف ڀارت حڪومت مخالف نعرن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آمريڪا کان واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته ڀارتي پرڏيهي وزير چيو آهي ته سان فرانسسڪو قونصليٽ آمريڪي اختيارين کي شڪايت داخل ڪرائي آهي. واضح رهي ته ڪينيڊا ۾ خالصتان تحريڪ جي اڳواڻن جي قتل ۾ هندن جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو هو، جڏهن ته آمريڪا ۾ به سک اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي سازش ناڪام بڻائي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ڀارت جا ڪينيڊا ۽ آمريڪا سان لاڳاپا خراب ٿي ويا هئا. گرم ٿي ويو، ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے