تل ابیب: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)اسرائيل ڇنڇر تي غزه ۾ زميني ڪارروائي دوران وڌيڪ 13 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب اسرائيل ڊفينس فورس (آءِ ڊي ايف) حماس ۽ ٻين مزاحمتي تنظيمن سان ويڙهه دوران مارجي ويل پنهنجي 8 فوجين جا نالا به جاري ڪيا آهن، جن مان 4 جو تعلق غزه جي ڏکڻ ۾ سيونٿ آرمرڊ برگيڊ سان آهي، جڏهن ته ويڙهه دوران مارجي ويا. .
اسرائيلي فوج موجب غزه ۾ جنگ دوران 5 فوجي سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته صهيوني فوج گذريل ڏينهن مارجي ويل 5 فوجين جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي هئي.
ان دوران اسرائيل جي راڄڌاني تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن نتنياهو حڪومت خلاف احتجاج ڪندي غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ حماس جي يرغمالين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪيو.
اسرائيلي ميڊيا موجب غزه ۾ جاري زميني ڪارروائين دوران 152 اسرائيلي فوجي مارجي ويا ۽ درجنين زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته حماس جنگ دوران سوين اسرائيلي فوجي گاڏين کي تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.
ٻئي طرف غزه ۾ اسرائيلي فورسز جي ڪاررواين دوران هن وقت تائين 20 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 52 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language