
اسلام آباد: (آچر 24 ڊسمبر 2023ع)اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب اڳيان بلوچ ساليڊيئرٽي ڪميٽي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اڄ گورنر بلوچستان عبدالولي ڪاڪڙ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مسئلا حل ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
مظاهري ۾ اڳوڻو ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير به شريڪ ٿيو.
جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو آهي ته آئين تي عمل ڪري جبري گم ڪيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي.
پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته بلوچ بنيادي انساني حق گهرن ٿا، نفرتون تشدد ۽ رڪاوٽن مان جنم وٺن ٿيون.
رابطا ڪميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مها رنگ بلوچ مطالبو ڪيو ته احتجاج ڪندڙن مٿان داخل ڪيس واپس وٺي بلوچ شاگردن کي حراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.
اسلام آباد پوليس جو چوڻ آهي ته مظاهرين پنهنجي چوڌاري نظر رکن، ڪنهن کي به حفاظتي بند اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو وڃي.
ٻئي طرف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران خضدار، حب، قلات، گوادر سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي.
ڪراچي-ڪوئيٽا قومي شاهراهه ڀواڻي تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٻئي ڏينهن به ٽريفڪ معطل رهي.
گوادر ۾ رڪشا ڊرائيورن احتجاجي ريلي ڪڍي مرين ڊرائيو مالافضل چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ريلي جي اڳواڻي حق دو تحريڪ جي بابر شهزاد ڪئي.
ڪراچي ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مزدورن ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته بلوچ نوجوان جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.
ميرپورخاص ۾ به اسلام آباد پوليس جي تشدد خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language