welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان حملي ڪيس جو پهريون جاچ آفيسر لاڏاڻو ڪري ويو

گوجرانوالا: (آچر 09 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي حملي جي جاچ ڪندڙ پهريون پوليس آفيسر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. وزير آباد جي صدر ٿاڻي ۾ مقرر ايس ايڇ او عامر شهزاد دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو،هو عمران خان ڪيس جو پهريون جاچ آفيسر هو. عامر شهزاد جي سئوٽ جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسر کي اڄ گهر ۾ سيني ۾ تڪليف ٿي هئي، کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي ٽي نومبر ٻه هزار ٻاويهه تي وزير آباد ۾ حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ زخمي ٿي پيو هو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے