welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو ڇوڪرين کي موٽرسائيڪل سيکارڻ جو شاندار قدم

حيدرآباد: (آچر 09 اپريل 2023ع) عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سنڌ ۾ هونئن به گهڻين غيرروايتي ۽ غيرمعمولي پيش قدمين جون اڳواڻ رهيون آهن. سنڌي ڇوڪرين کي موٽرسائيڪل سيکارڻ جو هي بظاهر ننڍڙو قدم هڪ شاندار قدم آهي، جنهن سان سنڌ جي ڌيئرن ۾ نه رڳو اعتماد پيدا ٿيندو پر هن تنگ نظر پدري سماج جي ديوارن ۾ به ڏارَ پوندا. سڄي سنڌ ۾ باشعور ماڻهو پنهنجين ڇوڪرين کي تعليم سان گڏ هرقسم جو هنر سيکارين، جن ۾ موٽرسائيڪل هلائڻ خاص طور اهم آهي، ڇاڪاڻ هيٺين ۽ وچولي طبقي لاءِ اها ئي عام سواري آهي. اهو انفرادي اعتماد، سماجي آزادي ۽ ثقافتي تبديلي جو به اظهار آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے