welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

جيڪي چيف جسٽس جي احترام ۾ اُٿي بيهندا هئا اڄ سندس مخالفت ڪري رهيا آهن: پرويز الاهي

لاهور: (آچر 09 اپريل 2023ع) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ پنجاب اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ واري فيصلي کانپوءِ جسٽس عمر عطا بنديال جي حمايت ڪندڙ هاڻي سندس مخالف ٿي ويا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڏنو هو، ان وقت سموري پي ڊي ايم سندس احترام ۾ اُٿي بيهندي هئي ۽ سندس نالي کي چميو ويندو هو، هاڻي جڏهن هُن آئين پٽاندڙ پنجاب ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو آهي ته سڀ سندس مخالفت تي لهي آيا آهن. چوڌري پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف، چيف جسٽس تي تنقيد ڪرڻ لاءِ ذاتي ملازمن کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي، جيڪو مٿن ٿورو ڪندو آهي هو ان کي بدنام ڪندا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. هن پڇاڻو ڪيو ته پنجاب جي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سان ن ليگ جي پيٽ ۾ سور ڇو پئجي رهيو آهي. نااهل حڪمرانن جي غلطين جي سزا قوم ڀوڳي رهي آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے