welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۾ ججز ورهاست جي خاتمي لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (آچر 09 اپريل 2023ع) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ ۾ ججز جي ورهاست جي خاتمي لاءِ مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججز ۾ ورهاست جي خاتمي لاءِ چيف جسٽس عمر عطا بنديال ساٿي ججز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب چيف جسٽس پاڪستان ايندڙ هفتي جا بينچز اختلافن جو تاثر ختم ڪرڻ ۽ ججز ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ بڻايا ويا آهن. چيف جسٽس چونڊ ڪيس ۾ اختلافي نوٽ ڏيندڙ ججز کي به پنهنجي بينچ ۾ شامل ڪري ورتو. سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ هفتي ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله چيف جسٽس جي بينچ جو حصو هوندا. جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان گڏ جسٽس محمد علي مظهر جو بينچ بڻايو ويو آهي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشه ملڪ به هڪ ئي بينچ ۾ شامل آهن. جسٽس اطهر من الله ايندڙ هفتي جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مظاهر نقوي سان گڏ بينچ ۾ شامل آهن جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي تي ٻڌل بينچ به جوڙيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے