ڪراچي: (آچر 09 اپريل 2023ع) ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ گيس پيدا ڪندڙ صوبي سنڌ ۾ گيس کوٽ ختم ٿيڻ جو نالو نه پئي وٺي. سوئي سدرن گيس ڪمپني سحري ۽ افطاري وقت به گيس مهيا ڪرڻ ۾ ناڪام آهي. سمجهه ۾ نه پيو اچي ته صرف هڪ سال ۾ ڪراچي ۾ گيس دستيابي جي صورتحال ايترو جلد ڇو خراب ٿي وئي. جيڪڏهن سوئي سدرن جو موقف صحيح مڃيو وڃي ته ساليانو گيس دستيابي 8 سيڪڙو کان گهٽ ٿي آهي تڏهن به کوٽ 8 سيڪڙو کان وڌيڪ نظر اچي رهي آهي.
صارفين چون ٿا ته خبر ناهي ته گيس وڃي ڪيڏانهن پئي جڏهن ته سوئي سدرن ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر ۾ سوين هنڌن تان گيس ليڪيج جون شڪايتون آهن جنهن کي صحيح ڪرڻ ۾ تمام گهڻي سستي ڏيکاري پئي وڃي.
ذريعن موجب سوين هنڌ اهڙا به آهن جتي گيس ليڪيج جون شڪايتون ئي داخل نه آهن. رمضان ۾ صارفين گيس نه هجڻ سبب وڌيڪ مهانگائي جو دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهن.
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ طرف گيس گهٽ ٿي رهي آهي پر ٻئي طرف ليڪيج جو معاملو تيزي سان حل نه پيو ڪيو وڃي. وڌيڪ ڪسر عوام طرفان وڏي انگ ۾ ڪمپريسرز جي استعمال پوري ڪري ڇڏي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language