welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ 3 نوان بس روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي: (آچر 09 اپريل 2023ع) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ 3 نوان بس روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهر قائد ۾ وڌيڪ بس سروس شروع ڪئي پئي وڃي، ملير ۾ 13 اپريل تي بس سروس شروع ڪري رهيا آهيون. شرجيل ميمڻ چيو ته هو ڪراچي ۾ 14، 13 ۽ 18 اپريل تي نوان بس روٽ شروع ڪري رهيا آهن، هڪ روٽ الآصف اسڪوائر کان ملير ٽانڪ چوڪ، ٻيو بحريا ٽائون کان ٽانڪ چوڪ ۽ ٽيون نارٿ ڪراچي کان گرو مندر هوندو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے