لاهور: (آچر 09 اپريل 2023ع) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائيم ونگ جي ڪارروائي دوران پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن خلاف سوشل ميڊيا مهم هلائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن پڇا ڳاڇا دوران سياسي پارٽي جي ملوث هئڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب سوشل ميڊيا ذريعي پاڪ فوج سميت مختلف ادارن خلاف مهم هلائيندڙ جوابدار واصف ڪاظمي پڇا ڳاڇا دوران سياسي پارٽي سان تعلق جو انڪشاف ڪيو آهي.
ايف آءِ اي موجب جاچ دوران جوابدار پنهنجي بيان ۾ چيو ته سياسي پارٽي ۽ عادل راجا سوشل ميڊيا مهم هلائڻ وارن جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، اڳوڻي عورت ايم اين اي ۽ عادل راجا پاڪ فوج خلاف مواد پوسٽ ڪرڻ لاءِ اُماڻيندا آهن.
جوابدار پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته عادل راجا ۽ مخدوم شهاب الدين سان برطانيا ۾ هڪ دوست ذريعي ملاقات ٿي، عادل راجا ۽ سياسي پارٽي طرفان مُلڪي ادارن خلاف مهم هلائڻ لاءِ منظم ٽيم ٺاهي وئي آهي.
ايف آءِ اي اختيارين موجب جوابدار واصف ڪاظمي عدالت آڏو چڙ ڏياريندڙ مواد شيئر ڪرڻ تي معافي به گهري ورتي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language