welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

حڪومت معيشيت بابت پي ٽي آءِ جو موقف کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: (آچر 09 اپريل 2023ع) وزيراعظم جي ڪو آرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ وارا معيشت بابت غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن پر عوام پي ٽي آءِ دور ۾ ڪيل معاشي تباهي ناهي وساريو، پي ٽي آءِ مُلڪ کي ڏيوالي جي ويجهو پهچايو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس بلال ڪياني چيوته عمران خان چئن سالن دوران ملڪي معيشيت کي تباهه ڪيو، معاشي تباهي ۽ مهانگائي عمران خان جي نااهلي ۽ بدنيتي سبب آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، اقتدار ويندي ڏسي عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا معيشيت بابت ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، عمران خان چئن سالن ۾ معيشيت کي ڪمزور ڪيو، عوام پي ٽي آءِ دور ۾ ٿيل معاشي تباهي کي ناهي وساريو. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ 60 لک ماڻهو بيروزگار ٿيا، جڏهن ته ن ليگ جي گذريل دور ۾ 12 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم آئي ۽ نواز شريف ئي آءِ ايم ايف پروگرام ختم ڪيو هو. سندس چوڻ هوته هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهرن جو ڪوڙو واعدو ڪيو ويو پر ماڻهن کي بيروزگار ڪري گهر کسيا ويا، پي ٽي آءِ ملڪي قرض ۾ 78 سيڪڙو اضافو ڪيو، عمران پنهنجي نالائقي ۽ چوري سبب مُلڪي معيشت تباهه ڪئي، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڏيوالو نڪرڻ جي ويجهو پهچائي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان اقتدار بچائڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عمران خان سائفر جهڙي ڪوڙي پروپيگنڊا تي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پي ٽي آءِ فرنس ڪمپنين کي خوش ڪرڻ لاءِ سستي ايل اين جي خريد نه ڪئي. بلال اظهر ڪياني چيو ته پي ٽي آءِ اٽي ۽ کنڊ مافيا جا کيسا ڀرڻ لاءِ عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو، موجودا حڪومت ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو ۽ معيشيت کي بهتر ڪيو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف 17 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇڏيو، ن ليگ گذريل حڪومت ۾ امن امان بحال ڪيو، نواز شريف لوڊشيڊنگ ۽ دهشتگردي جو خاتمو ڪري ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو. هن چيو ته ن ليگ قرض وٺي سي پيڪ جهڙا منصوبا لڳايا، عمران خان دوست ملڪن سان سفارتي لاڳاپا خراب ڪيا، موجودا حڪومت دوست ملڪن سان لاڳاپا ٻيهر مستحڪم ڪيا، حڪومت رياست بچائڻ خاطر سياست جي پرواهه نه ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے