welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر ايڪسپريس جي ڇت تي ويٺل ماڻهن سان حادثو: هڪ شخص فوت، 11 زخمي

جيڪب آباد:(ڇنڇر 05 جولاءِ 2025ع)جيڪب آباد کان روهڙي ايندڙ سکر ايڪسپريس جي ڇت تي ويٺل ماڻهن سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ هڪ شخص فوت ۽ 11 زخمي ٿيا. ايس ايس پي اظهر مغل چيو ته سکر ايڪسپريس جي ڇت تي ويٺل زائرين جا جهنڊا بجلي جي تارن سان ٽڪرائجي ويا. ايس ايس پي موجب، حادثي ۾ هڪ سوگوار فوت ۽ 11 سخت زخمي ٿيا. هن چيو ته حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي نازڪ حالت ۾ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي چيو ته متاثر ٿيل ماڻهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ۽ ٽرين مان ڪرڻ سبب زخمي ٿيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے