بيجنگ: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) چيني صدر شي جن پنگ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سعودي عرب ۽ ايران ڳالهين جي نتيجن جي بنياد تي پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪندا.
چيني صدر شي جن پنگ سعودي ولي عهد سان گڏيل لاڳاپن جي ترقي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
چيني ميڊيا موجب ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي فالو اپ جي حمايت سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان موقعي تي چيني صدر چيو ته چين ۽ سعودي عرب بنيادي مفادن جي معاملن تي هڪ ٻئي جي ڀرپور حمايت ڪندا ۽ وچ اوڀر ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي وٺرائيندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language