اسلام آباد : (اڱارو 28 مارچ 2023ع) قومي اسيمبلي ۾ سياسي ۽ آئيني معاملن بابت ٺهراءُ پيش ڪيو ويو.
اسپيڪر قومي اسيمبلي قرارداد تي بحث جي شروعات ڪئي، نويد قمر چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جي طاقت جو مسلسل غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ کي وڌيڪ برداشت نه ڪرڻ گهرجي.
ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف وچ ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ٿي. اجلاس ۾ ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ گورننس لاءِ موثر قانون سازي ۽ ان جي اهم ڪردار تي غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ ناڻي ۽ روينيو وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر به موجود هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language