welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمرڪوٽ: بااثر اڪاوُنٽنٽ گهنشام بجير سر ڪائوسجي اسپتال ۾ ٻيهر چارج لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو

عمرڪوٽ: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) 9 سالن کان سر ڪائوسجي اسپتال (گدو اسپتال) ۾ مقرر بااثر اڪاوُنٽنٽ عمرڪوٽ واسي گهنشام داس بجير کي صحت کاتي بدلي ڪري سنڌ سيڪريٽريٽ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن مطابق گهنشام داس بجير گدو اسپتال دوائن جي ڪمپني به نالي سان آهي، جنهن جو ٺيڪابه پاڻ کڻندو هو، جڏهن ته ڪجهه وقت اڳ نيب ۾ به ڪرپشن ڪيس داخل ڪيو ويو هو. بااثر اڪاوُنٽنٽ گهنشام داس بجير اسپتال ۾ ٻيهر مقرري لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے