ڪراچي: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب پاڪستان 6 مهينن ۾ 10 ارب 21 ڪروڙ ڊالرن جو ٻاهريون قرض ۽ وياج واپس ڪيو.
مرڪزي بئنڪ موجب 10 ارب 21 ڪروڙ ڊالرن جو قرض ۽ وياج هلندڙ مالي سال جي 6 مهينن جولاءِ کان ڊسمبر 2022ع ۾ ادا ڪيو ويو.
انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 23_2022 جي پهرين 3 مهينن ۾ 3 ڏهائي 5 ارب ڊالرن جو قرض ۽ وياج ادا ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين 3 مهينن ۾ تقريبن 6.8 ارب ڊالرن جي ادائيگي ڪئي وئي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته ادائيگين ۾ پاڪستان تي اصل قرض 8.271 ارب ڊالر ۽ وياج 1.945 ارب ڊالر هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language