welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاڙڪاڻي ۾ نوجوان کي اغوا بعد قتل ڪري لاش لوڙهڻ جو انڪشاف

لاڙڪاڻو: (اڱارو 28 مارچ 2023ع) 27 فيبروي تي لاڙڪاڻي مان 23 ورهين جي نوجوان علي احمد بروهي کي اغوا ڪرڻ بعد مبينا قتل ڪري لاش روهڙي ڪئنال ۾ اڇلايل واري واقعي جو 50 لک وارو فيصلو مقتول جي امڙ پيرسن هوران خاتون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته وڊيو بيان ۾ پيرسن عورت مسمات هوران جو چوڻ آهي ته پٽ جو لاش ڏنو وڃي پٽ کي بيگناهه قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آھي، لاش به نٿو ڏنو وڃي پٽ کي قتل ڪندڙ ظالم وڏيري خانو عرف خان محمد بروهي، سيف الله بروهي سميت سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ڦاهي جي ڦندي تي لٽڪايو وڃي. هن هاءِ ڪورٽ سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو انصاف ڏيارين.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے