welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر

لاھور : ( جمعو 04 نومبر 2022ع )وزيرآباد ۾ لانگ مارچ دوران فائرنگ ۾ زخمي ٿيل عمران خان جي حالت خطري کان ٻاهر، گذريل ڏينهن ڪنٽينر تي ٿيل فائرنگ ۾ هڪ گولي عمران خان جي پـِنيءَ ۾ ۽ ٻي گولي سـَـٿر ۾ لڳي شوڪت خانم اسپتال لاهور جي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ آهي ته عمران خان جي حالت مستحڪم آهي، ڊاڪٽر موجب عمران خان جي ساڄي ڄنگهه ۾ 2 گوليون لڳيون، سندس ڄنگهه ۾ هڪ کان وڌيڪ زخم آهن گوليءَ جا ذرا اڃا ڄنگهه ۾ موجود آهن، ڄنگهه جي هڏي محفوظ رهي، فائرنگ ۾ احمد ناصر چٺا، فيصل جاويد ۽ وڌيڪ 7 ڄڻا به زخمي ٿيا هئا

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے