ڪيليفورنيا: (جمعو 04 نومبر 2022ع) ٽوئٽر پنهنجي ملازمن کي وڏي انگ ۾ فارغ ڪرڻ ۽ آفيسن کي عارضي طور تي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ(جمعي) تي کين اي ميل ذريعي نوڪري جي مستقبل جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويندو.
ٽوئٽرچيو آهي ته آفيسن کي عارضي طور تي بند ڪيو ويندو ته جيئن هر ملازم سان گڏوگڏ ٽوئيٽر جي نظام ۽ ڪسٽمر ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملي. ملازمن کي اماڻيل اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته اسان جمعي تي سموري دنيا ۾ پنهنجي ملازمن جي ڇانٽي جي مشڪل مرحلي مان گذرنداسين جيڪو ٽوئيٽر کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي لاءِ آهي.
اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته ٽوئٽر پنهنجن سمورن ملازمن جي ڪمپني لاءِ ڪيل محنتن کي مڃي ٿو پر اهو قدم ڪمپني جي ڪاميابي ۽ ان کي اڳيان کڻي وڃڻ لاءِ ضروري هو.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽوئيٽر جا ملازم برطرفي سان متاثر نه ٿيندا کين سندن ڪم اي ميل ايڊريس تي سمجهايو ويندو جڏهن ته جن ماڻهن کي ڪمپني مان ڪڍيو ويندو انهن کي به سندن ذاتي اي ميل تي نوٽيفڪيشن اماڻيو ويندو
0 تبصرے
Do not use vulgar language