welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عمران خان مٿان حملو، گهرو وزير ۽ وزيراعظم مٿان الزام: شهباز شريف اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (جمعو 04 نومبر 2022ع) وزيراعظم شهباز شريف عمران خان مٿان حملي کان پوءِ گهرو وزير ۽ وزيراعظم مٿان الزامن بابت حڪومتي سياسي اڳواڻن جو اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ 11 وڳي ٿيندڙ اجلاس ۾ سمورين اتحادين پارٽين جا اڳواڻ شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ وزيرآباد ۾ عمران خان مٿان قاتلاڻي حملي ۽ ان کان پوءِ الزامن تي ڳالهيون ٿينديون. اجلاس ۾ سياسي صورتحال تي اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪيا ويندا. اجلاس ۾ واقعي جي جاچ جي حوالي سان پنجاب حڪومت سان تعاون ۽ گڏيل انويسٽيگيشن جي آڇ جو جائزو ورتو ويندو. ان سلسلي ۾ وفاق پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ سينئر پوليس آفيسرن ۽ ڳجهن ادارن جي نمائندن کي شامل ڪيو ويندو. گهرو وزارت خط چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ايڊيشنل ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے