ڪيف: ( جمعو 04 نومبر 2022ع ) يوڪرين ۾ روس جو فوجي آپريشن جاري آهي، يوڪرين ايراني ٺاهيل 10 ڊرون ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
روس يوڪرين جي وڌيڪ علائقن ۾ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي، ٻئي طرف يوڪرين به پنهنجا علائقا واپس وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
عرب ميڊيا موجب يوڪرين جي ايئر ڊفينس 10 ڊرون ڪيرايا آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته اهي ڊرون ايران جا ٺهيل آهن، جيڪي روس استعمال ڪري رهيا آهن.
روسي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسود سمنڊ ۾ جهازن تي حملي ۾ يوڪرين جي مدد ڪرڻ تي برطانوي سفير کي طلب ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language