welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پاڪستاني شوبز ستارن پاران عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت

لاھور: ( جمعو 04 نومبر 2022ع ) گوجرانوالا ۾ لانگ مارچ دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪنٽينر تي فائرنگ ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته عمران خان ۽ فيصل جاويد سميت 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. سينيٽر فيصل جاويد به زخمين ۾ شامل آهي، ان کان علاوه حامد ناصر چٺا جو پٽ احمد چشتو ۽ چوڌري محمد يوسف به زخمي ٿيا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته احمد چشتي جي حالت نازڪ آهي. جتي سياسي اڳواڻ ان واقعي جي مذمت ڪري رهيا آهن، اتي پاڪستان جي شوبز انڊسٽري جي اداڪارن به افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اداڪار شان شاهد ٽوئيٽر تي عمران خان کي مخاطب ڪندي لکيو ته هر پاڪستاني جون دعائون توهان سان گڏ آهن، توهان اسان جي اميد آهيو ۽ الله پاڪ اسان جي اميدن جي حفاظت ڪندو. سينيئر اداڪار عدنان صديقي عمران خان تي فائرنگ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته مون وٽ لفظ ناهن، الله عمران خان ۽ ٻين جي حفاظت فرمائي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر پڻ سوشل ميڊيا تي هڪ بيان جاري ڪندي لکيو ته ”مون کي اڄ به ياد آهي اهي ڏينهن جيڪي بينظير ڀٽو جي قتل کانپوءِ اونداهين ۾ غرق هئا، خدا نه ڪري ته عمران خان سان به اهڙو ڪجهه ٿئي، اڳتي ڇا ٿيندو، سوچي به نٿو سگهان. ان کان علاوه اداڪارا وينا ملڪ به سوشل ميڊيا تي لکيو ته ”خان جي ماڻهن خان جي جان بچائي، ان جي چوڌاري گوليون لڳيون آهن، اهي گوليون خان کي نه پر 22 ڪروڙ ماڻهن جي دلين تي لڳيون آهن. اداڪارا ارمينا خان به عمران خان تي فائرنگ جي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے