welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

پنجاب اسيمبلي جي 4 سيڪشنز جي آفيسرن ايوان اقبال اجلاس ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاھور : آچر 19 جون 2022ع : پنجاب اسيمبلي جي 4 سيڪشنز جي آفيسرن ايوان اقبال اجلاس ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي جي وقتي سيڪريٽري عامر حبيب اجلاس ۾ آفيسرن کي شرڪت جو حڪم ڏنو هو. قانون سازي، رپورٽنگ، اسٽيٽ ۽ سڪيورٽي جي سربراهن کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر انهن کاتن جي عملدارن ايوان اقبال جي اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو. سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي محمد خان ڀٽي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر ۽ وقتي سيڪريٽري اسيمبلي اسپيڪر ۽ سيڪريٽري جي موجودگي ۾ عملي کي گهرائي نه ٿا سگهن، ان حڪم جي ڪا قانوني حيثيت ناهي. ياد رهي ته پنجاب جي گورنر پنجاب اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس ايوان اقبال ۾ طلب ڪيو هو جنهن جو اپوزيشن بائيڪاٽ ڪيو هو پر حڪومتي ميمبر بجيٽ اجلاس ۾ موجود رهيا.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے