welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ايندڙ مالي سال دوارن پاڪستان مجموعي طور 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو قرض وٺندو

اسلام آباد : آچر 19 جون 2022ع : ايندڙ مالي سال ۾ پاڪستان مجموعي طور 2133 ارب رپين جو قرض وٺندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قرض ۾ چين، يو اي اي، سعودي عرب جي سيف ڊيپازٽ ۽ آءِ ايم ايف کان متوقع قرض شامل ناهي. دستاويز موجب ايندڙ سال پاڪستان اسلامي ترقياتي بئنڪ کان 223.20 ارب رپيا قرض وٺندو، جڏهن ته هن سال اسلامي ترقياتي بئنڪ کان 232 ارب رپيا قرض ورتو ويو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان قرض تي سعودي عرب کان 148.80 ارب رپين جو تيل خريد ڪندو، جڏهن ته هلندڙ سال سعودي عرب کان 70 ارب رپين جو تيل قرض ورتو ويو. دستاويز موجب ايندڙ مالي سال ۾ 372 ارب رپين جا يورو ۽ سکڪ بانڊ جاري ڪيا ويندا، هلندڙ مالي سال ۾ 342.54 ارب رپين جا سکڪ ۽ يورو بانڊ جاري ڪيا ويا آهن. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران 1389.80 ارب رپين جو ڪمرشل قرض ورتو ويندو، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ۾ 821.90 ارب رپين جو ڪمرشل قرض ورتو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے