welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مڪران جي پھاڙي سلسلي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم بي ايل ايف جا 6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپبڊي : آچر 19 جون 2022ع :بلوچستان جي علائقي مڪران ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز مڪران جي جبل واري علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران دهشتگردن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جا 6 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ ملوث هئا، جڏهن ته دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے