پشاور: جمعو 24 جون 2022ع : ليمپي اسڪين کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۾ به ڪانگو وائرس جي ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي.
صحت کاتي موجب پشاور ۾ ڪانگو وائرس سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جن ۾ پيءُ ۽ 2 پٽ شامل آهن.
اختيارين موجب صوبي ۾ هينئر تائين ڪانگو جا 6 ڪيس سامهون آيا آهن ۽ 3 مريض حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ علاج هيٺ آهن.
ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ کاتي موجب خيبرپختونخواهه ۾ هن وقت تائين 114 جانور مري ويا آهن.
رپورٽ موجب صوبي ۾ 6 هزار ڍور ڍڳا لومپي اسڪين کان متاثر ٿيا آهن، جنهن ۾ بنون 780 ڪيسن سان پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته پشاور ۾ 750 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
اختيارين موجب ڪوهاٽ ۾ 625 جانور ۽ ٽئنڪ ۾ 449 جانور متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته صوبي جي 12 ضلعن ۾ چراغ چمڙي جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language