اسلام آباد : جمعو 24 جون 2022ع : پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا مسلسل گهٽجي رهيا هئا پر ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ڪمرشل قرض جو معاهدو ٿيو هو ۽ اڄ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اها رقم ملي وئي آهي. پاڪستان کي مليل رقم 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا آهي، گذريل ڏينهن جي انگن اکرن موجب اسٽيٽ بئنڪ وٽ 17 جون تي 8 ارب 23 ڪروڙ 80 لک رپيا هئا، جڏهن ته مجموعي طور تي 14 ارب 21 ڪروڙ 50 لک رپيا هئا، جن مان 5 ارب رپيا ڪمرشل بئنڪن وٽ به آهن. . جڏهن ته هاڻي چين جي رقم سان پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا ساڍا 10 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندا ۽ مجموعي ذخيرا 16 ارب ڊالرن کان وڌي ويندا. چين سان تجارتي قرض جو معاهدو ٻه ڏينهن اڳ ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ چيو هو ته چين مان هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ 2.3 ارب ڊالرز جا فنڊ ملندا، چيني بئنڪن جي ڪنسورشيم اڄ قرض جي سهولت جي معاهدي تي صحيحون ڪيون.The Chinese consortium of banks has today signed the RMB 15 billion (~$2.3 billion) loan facility agreement after it was signed by the Pakistani side yesterday. Inflow is expected within a couple of days. We thank the Chinese government for facilitating this transaction.
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) June 22, 2022
ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان طرفان ڪالهه اڱاري ڏينهن معاهدو ڪيو ويو. مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ترسيل ۽ ٽرانزيڪشن ۾ سهڪار تي هو چيني حڪومت جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته عمران خان جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ موجوده اتحادي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ چيني حڪومت کان قرضن تي ڳالهيون شروع ڪيون هيون.I am pleased to announce that Chinese consortium loan of RMB 15 billion (roughly $2.3 billion) has been credited into SBP account today, increasing our foreign exchange reserves.
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) June 24, 2022
0 تبصرے
Do not use vulgar language