
اسلام آباد:(سومر 30 مئي 2022ع) پهرين جولاءِ کان بجلي جي اگهن ۾ 8 روپيه في يونٽ واڌ جو امڪان آهي. توانائي واري وزارت موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ بنيادي ٽيرف جي مد ۾ ڪيو ويندو. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي درخواست تي نيپرا جي فيصلي کان پوءِ حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
نيپرا 19 بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي روينيو ضرورت جي درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ڪري چڪو آهي. هلندڙ هفتي درخواستن تي نيپرا طرفان فيصلي جو امڪان آهي. نيپرا جي فيصلي کان پوءِ پاور ڊويزن حتمي فيصلو ڪندي. نيپرا جو فيصلو اچڻ کان پوءِ وفاقي حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو فيصلو به ڪندي. بجلي جي قيمتن ۾ واڌ هڪدم بجاءِ مرحليوار ٿيڻ ۽ ٽارگٽيڊ سبسڊي جو به امڪان آهي. ذريعن موجب فيول پرائسز، مهانگو ڊالر، گردشي قرض ۽ ڪمپني کي نقصانن سبب بجلي مهانگي ٿيندي.
هن وقت ملڪ ۾ بجلي جو بنيادي ٽيرف ساڍا 18 روپيه في يونٽ کان وڌيڪ آهي. نيپرا ۽ توانائي واري وزارت جو فيصلو اچڻ تي بنيادي ٽيرف 24 روپين کان مٿي ٿي سگهي ٿو. توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ بنيادي ٽيرف جي بنياد تي ڪئي ويندي ۽ واڌ جو فيصلو نيپرا جي 19 بجلي ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي درخواستن تي ٻڌڻي کان پوءِ ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ نيپرا طرفان فيصلي جو امڪان آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language