
برازيل: (سومر 30 مئي 2022ع) برازيل ۾ برساتن، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائينڊنگ تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۾ 57 ڄڻا فوت جڏهن ته ڪيترائي گم ٿي ويا آهن. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب برازيل جي اترين علائقي ۾ ٿيندڙ برساتن ٻوڏ واري صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي.
برازيل ۾ پنجن مهينن دوران اها چوٿين وڏي ٻوڏ آهي جنهن سبب ڪچيون آباديون متاثر ٿيون آهن ۽ شهري علائقن ۾ زندگي جو نظام متاثر ٿيو آهي. اختيارين موجب اتر، اوڀر رياست پرنمبوڪو ۾ 56 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، پاڙيسري رياست الاگواس ۾ به هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. اختيارين اهو به ٻڌايو آهي ته پرنمبوکو رياست ۾ تقريبن 56 ڄڻا گم ٿي ويا آهن. اهڙي طرح فوت ۽ گم ٿيل ماڻهن جو ٽوٽل انگ 100 کان وڌيڪ آهي.
فيڊرل سول ڊفينس سروس ٻڌايو ته ان ٻن رياستن مان 6.000 کان وڌيڪ ماڻهو حڪومت پاران نامزد ڪيل امدادي هنڌن تي منتقل ٿي ويا آهن ۽ 7.000 کان وڌيڪ دوستن يا مائٽن سان گڏ رهي رهيا آهن. ان کان اڳ ڊسمبر جي آخر ۽ جنوري جي شروعات ۾ اتر، اوڀر برازيل ۾ واقع يابيا رياست ۾ برساتن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ هزارين بي گهر ٿي ويا هئا. جنوري جي آخر ۾ ڏکڻ اوڀر رياست سائو پالو ۾ ٻوڏ سبب گهٽ ۾ گهٽ 18 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا. فيبروري ۾ ريوڊي رياست جنيرو ۾ طوفاني برساتن سبب 230 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language