
ڪراچي:(سومر 30 مئي 2022ع) ملتان مان ڪراچي ايندڙ ذڪريا ايڪسپريس ۾ عورت سان ٽرين عملي جي اجتماعي زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي. رپورٽ موجب ٽرين ۾ سفر ڪندڙ عورت سان مبينه زيادتي جو واقعو پيش آيو آهي. متاثره عورت موجب ملتان مان ڪراچي ايندڙ ذڪريا ايڪسپريس ۾ مون سان ٽرين عملي اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ فرار ٿي ويا. واقعي جي ايف آءِ آر ڪراچي جي سٽي ٿاڻي ۾ داخل ڪئي وئي آهي، ڪيس ۾ ٽڪيٽ چيڪر زاهد ۽ عاقب نالي شخص کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر جي متن موجب ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون جي رهواسڻ عورت جي مڙس کيس ڏيڍ مهينو اڳ طلاق ڏئي ڇڏي هئي، عورت جا ساهورا مظفر ڳڙهه ۾ رهندا هئا. عورت پنهنجي ٻارن سان ملڻ لاءِ 26 مئي تي مظفر ڳڙهه پهتي ۽ 27 مئي تي واپس ذڪريا ايڪسپريس ذريعي ڪراچي لاءِ رواني ٿي، پر کيس ملتان اسٽيشن تي ٽڪيٽ نه ملي، عورت ٽرين ۾ اڪانومي ڪلاس جو ٽڪيٽ ٺهرائي بنا سيٽ جي سفر ڪيو. عورت پنهنجي بيان ۾ بڌايو ته جڏهن مان روهڙي کان رواني ٿيس ته ٽڪيٽ چيڪر زاهد مون کي برٿ جي آڇ ڪئي ۽ مون کي اي سي بوگي جي هڪ ڪمپارٽمينٽ ۾ وٺي ويو، ڪجهه دير کان پوءِ زاهد ڪمپارٽمينٽ ۾ آيو جنهن مون سان بدتميزي ڪئي مون جڏهن اتان کان وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار مون کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي زيادتي جو نشانو بنايو، ان کان پوءِ انچارج عاقب آيو ان به مون سان زبردستي زيادتي ڪئي، ان جي وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻيو شخص ڪمپارٽمينٽ ۾ آيو ان به مون سان زيادتي ڪئي.
ايس پي ريلوي مهر ڪوثر عباس چيو ته عورت ڪراچي اسٽيشن تي پهچي ڪنهن کي به واقعي بابت اطلاع ناهي ڏني. عورت پريشاني واري صورتحال ۾ اسٽيشن تي ويٺل هئي جنهن تي ريلوي پوليس عورت جي مدد ڪئي. عورت پنهنجي ڀيڻ سان گهر رواني ٿي وئي، اطلاع ملڻ تي ريلوي پوليس متاثر عورت کي گهر مان گهرائي سندس بيان رڪارڊ ڪيو. ايس ايس پي ريلوي ٻڌايو ته متاثر عورت جي بيان جي روشني ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ جي شروعات ڪئي وئي آهي. ذڪريا ايڪسپريس خانگي شعبي جي انتظام هيٺ هلائي ويندي آهي ۽ واقعي ۾ ملوث ٽرين جو عملو فرار ٿي ويو آهي. ريلوي پوليس جون ڇاپا هڻندڙ ٽيمون ملتان روانيون ٿي ويون آهن، ملتان پوليس به پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language