welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

عدالتي حڪم نظرانداز، ڪارونجهر تي مبينا پٿر ٽوڙڻ جو ڪم شروع

ننگرپارڪر:(سومر 30 مئي 2022ع) عدالتي حڪم نظرانداز، نجي ڪمپنيز کانپوءِ مقامي ٺيڪيدارن به ڪارونجهر تي مبينا پٿر ٽوڙڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ننگرپارڪر جي عدالت ندين ۾ لڙهي آيل ريتي، بجري ۽ پٿر کڻڻ جو حڪم ڏنو هو علائقي واسين موجب ٺيڪيدار عدالتي حڪمن جي اُبتڙ سرين سان پٿر ٽوڙي رهيا آهن، ڪارونجهر جا قيمتي پٿر ٽوڙي ڊئم لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن ڪارونجهر تي پٿر ٽوڙڻ تي پابندي واري حڪم تي عمل يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے