welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ارسا پنجاب کي تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جو باقي رهيل حصو تعمير ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) پنجاب تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي باقي رهيل حصي کي تعمير ڪرائڻ لاءِ ارسا کان اين او سي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ارسا تڪراري گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير لاءِ چئن ميمبرن جي اڪثريت سان اين او سي ڏيڻ بابت رٿابندي ڪميشن کي لکت ۾ خط اماڻي ڇڏيو، سنڌ جي ميمبر پاران اعتراض، جڏهن ته رٿابندي ڪميشن گريٽر ٿل ڪينال منصوبي جي تعمير لاءِ اڄ 8 فيبروري تي حتمي مشاورتي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اڄ اڱاري ڏينهن ٿيندڙ اجلاس کان پوءِ رٿابندي ڪميشن پاران ايڪنيڪ کي گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير بابت سفارشون اماڻڻ جو امڪان، تفصيل موجب رٿابندي ڪميشن پاران 28 جنوري تي سنڌ سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين کي گريٽر ٿل ڪينال بابت خط لکيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته 22 ڊسمبر 2021ع تي ايڪنيڪ جي اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي منصوبي تحت چوبرا برانچ ڪينال، منڪرا برانچ جي تعمير جي منصوبن تي غور ٿيو هو، جنهن ۾ فيصلو ٿيو هو ته رٿابندي ڪميشن ان حوالي سان مشاورت ڪري سفارشون منظوري لاءِ ايڪنيڪ کي موڪليندي، ان حوالي سان رٿابندي ڪميشن 8 نقاطي سوالنامو تيار ڪيو آهي، ارسا کي درخواست آهي ته انهن سوالن جو جواب ڏنو وڃي، ارسا پاران ٻن صفحن تي ٻڌل ان خط جو جواب رٿابندي ڪميشن کي ڪالهه اماڻي ڇڏيو آهي، خالد رانا جي صحيح سان اماڻيل خط ۾ لکيو ويو آهي ته ارسا جي منظوري سان اماڻيل خط جو جواب اماڻجي ٿو، رٿابندي ڪميشن کي اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ٽه رخي فارمولو ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي 2003ع ۾ مڪمل اتفاق سان منظور ڪيو، ارسا ٽه رخي فارمولي تي 2003ع کان پاڻي جي تقسيم ڪري رهي آهي، پر هن ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ تي سنڌ صوبي اعتراض واريو ۽ پاڻي ٺاهه جي ڪلاز 8 جي شق 3 تحت سي سي آءِ سان رجوع ڪيو، جتي اهو مامرو زير غور آهي، خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪو به صوبو پنهنجي طئه ٿيل حصي مان پاڻي ڪنهن ڪينال ۾ وهائڻ لاءِ مڪمل طور تي آزاد آهي،
اضافي پاڻي توڙي ٻوڏ جي پاڻي يا مستقبل ۾ ٺهندڙ ڊيمن کان پوءِ اضافي پاڻي جي ورڇ ۾ پنجاب صوبي جو حصو 37 سيڪڙو، سنڌ صوبي جو به 37 سيڪڙو، بلوچستان 12 سيڪڙو ۽ خيبر پختونخوا جو 14 سيڪڙو حصو هوندو، گريٽر ٿل ڪينال جي حوالي سان خط ۾ چيو ويوآهي ته ارسا پاڻي ٺاهه جي لاڳاپيل شقن تي غور ۽ پاڻي جي موجودگي کي ڏسڻ کان پوءِ پنجاب کي گريٽر ٿل ڪينال جي مڪمل منصوبي لاءِ 2.496 ايم اي ايف پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ 8 مئي 2002ع تي جاري ڪيو هو، ان منظوري کان پوءِ گريٽر ٿل ڪينال جو مک ڪينال ۽ منڪرا برانچ تعمير ٿي چڪي جيڪا خريف 2013ع کان آپريشنل آهي، مٿي ڄاڻايل گريٽر ٿل ڪينال بابت پاڻي جي موجودگي جي سرٽيفڪيٽ ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي باقي رهندڙ حصن جنهن ۾ چوبرا برانچ به شامل آهي جي پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ يا اين او سي به شامل آهي، “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين زاهد جوڻيجو چيو آهي ته رٿابندي ڪميشن ارسا کي 8 سوالن تي ٻڌل سوالنامو موڪليو هو، جنهن جو جواب رٿابندي ڪميشن کي اماڻيو ويو آهي، هن چيو ته ارسا ۾ چئني صوبن کانسواءِ وفاق جي نمائندي سوڌو 5 ميمبرن مان 4 ميمبر گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته مون سنڌ جي ميمبر طور ان تي اعتراض ڪيو آهي، هن چيو ته ارسا جا 4 ميمبر چئي رهيا آهن ته پاڻي گريٽر ٿل ڪينال لاءِ موجود آهي، مان انهن جي موقف کي تسليم نه ٿو ڪريان، پاڻي ٺاهه تي عمل نه ٿي رهيو آهي، پنجاب صوبو گريٽر ٿل ڪينال لاءِ پنهنجي حصي مان پاڻي کڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، هو ٻڌائي ته ان لاءِ پنهنجي حصي مان ڪٿان پاڻي کڻندو، ڪهڙي ڪينال جو پاڻي گهٽ ڪيو ويندو، مون مطالبو ڪيوآهي ته پاڻي جي موجودگي جي آڊٽ ڪرائي وڃي تيستائين هي پراجيڪٽ تعمير نه ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير بابت ايڪنڪ جي فيصلي جي روشني ۾ مشاورتي اجلاس اڄ اڱاري ڏينهن رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ پاڻي وزارت جي وفاقي سيڪريٽري، سنڌ سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين ۽ ارسا ۾ پنجاب جي ميمبر کي شرڪت لاءِ گهرايو ويو آهي، ارسا جي لکت ۾ جواب ملڻ کان پوءِ رٿابندي ڪميشن ۾ اڄ ٿيندڙ اجلاس بعد رٿابندي ڪميشن ايڪنيڪ کي گريٽر ٿل ڪينال جي تعمير بابت پنهنجون سفارشون اماڻي ڇڏيندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے