
اسلام آباد : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) شفاف حڪمراني جي نعري تي آيل وزيراعظم عمران خان جي ڪابينا ۽ اهم ساٿين ۾ به سفارشي ماڻهو رکجڻ ۽ پنهنجا نوازي جو انڪشاف ٿيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جي پنهنجي چينل سما ٽي وي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير علي زيدي پنهنجي قرض ڏيندڙ ۽ بزنس پارٽنر محمود مولوي کي وزيراعظم جو خاص مددگار لڳرايو آهي.
رپورٽ موجب محمود مولوي علي زيدي کي 2019ع ۾ هڪ ڪروڙ رپيا قرض ڏنو ۽ ان جي ايندڙ سال ئي کيس علي زيدي جي وزارت ۾ صلاحڪار مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ان جي هڪ سال بعد 2021ع ۾ ان ئي وزارت ۾ وزيراعظم جي ڪابينا جو حصو بڻجي ويو ۽ کيس خاص مددگار مقرر ڪيو ويو. سينئر صحافي حامد مير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته محمود مولوي پنهنجي حڪومت جي ٽيڪس ايمنيسٽي اسڪيم مان به فائدو کڻي چڪو آهي.
ان باري ۾ محمود مولوي جو چوڻ آهي ته مون علي زيدي سان ڀائيواري چونڊن کان اڳ ئي ختم ڪري ڇڏي هئي، خاص مددگاري مفادن جو ٽڪراءُ ناهي ڇاڪاڻ ته منهنجو بحري معاملن بابت ڪاروبار في الحال غيرفعال آهي. يوٽيوبر ڊاڪر هما سيف چيو ته علي زيدي جي ٻئي دوست عاطف رئيس جي آءِ ٽي ڪمپني کي پشاور ميٽرو ۾ 14 ارب رپين جو ٺيڪو مليو ۽ ان تي ايف آءِ اي ۾ فراڊ جا الزام آهن. ان ئي عاطف کي علي زيدي سرڪاري دوري عمران خان سان گڏ چين ۽ آمريڪا به وٺي ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language