
ڪراچي : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ جيلن واري صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو جيڪڏهن توهان کي فيصلي تي اعتراض آهي ته توهان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهو ٿا
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اعجاز جکراڻي جي گهر تي نيب ڇاپي جي حوالي سان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ان دوران عدالت ريماڪس ڏنا ته نيب ڇاپن جي خلاف 2019 ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواستگذار ۽ وڪيل ٻڌڻين دوران پيش نه ٿيا، اڄ به جونئير وڪيل ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، جوابدار اعجاز جکراڻي خلاف سکر ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي
نيب عملدار چيو ته نيب کي اعجاز جکراڻي خلاف درخواستون مليون آهن، درخواستگذار الزام لڳايو ته اعجاز جکراڻي وٽ 2002ع کان اڳ زمين نه هئي، سپريم ڪورٽ به جيڪب آباد جي ترقياتي اسڪيمن تي سخت رمارڪس ڏنا آهن
نيب چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، ضبط ڪيل سامان نيب جي سيزر ميمو جو حصو آهي، اعجاز جکراڻي خلاف هڪ ريفرنس ۽ ٻه انڪوائريون التوا ۾ آهن، نيب درخواستگذار خلاف 735 ملين رپين جي ڪرپشن جي جاچ ڪري رهي آهي
درخواستگذار چيو ته نيب سرچ وارنٽ کانسواءِ اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو هنيو، نيب چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو
0 تبصرے
Do not use vulgar language