
اسلام آباد : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) لاپتا ماڻهن بابت قائم ٿيل ڪميشن ملڪ اندر 2252 ماڻهو اڃا لاپتا هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ موجوده نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ قائم لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جي سيڪريٽري پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊسمبر 2021ع تائين مجموعي طور تي ڪميشن کي 8381 لاپتا ماڻهن جا ڪيس مليا هئا،
جڏهن ته جنوري 2022ع ۾ وڌيڪ 34 لاپتا ٿيل ماڻهن جا ڪيس ڪميشن کي مليا، جنهن کان پوءِ جنوري مهيني تائين ملڪ مان لا پتا ماڻهن جو مجموعي تعداد 8415 ٿئي ٿو،
جنهن مان لاپتا ماڻهن بابت قومي ڪميشن 31 جنوري 2022ع تائين مجموعي طور تي 6163 لاپتا ماڻهن جا ڪيس اڪلائي ڇڏيا آهن، جنهن کان پوءِ هن وقت ملڪ مان لاپتا ٿيل ماڻهن جو تعداد 2252 آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاپتا ماڻهن بابت ڪميشن جنوري مهيني دوران 522 ٻڌڻيون ڪيون، جن ۾ اسلام آباد ۾ 208، ڪراچي ۾ 181 ۽ ڪوئيٽا ۾ 136 ٻڌڻيون ڪيون ويون، 31
جنوري تائين 6163 لاپتا ماڻهن جا ڪيس اڪلائي انهن جي حفاظت سان گهرن تائين واپسي کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪميشن جي چيئرمين جاويد اقبال جي ڪوششن جي لاپتا ماڻهن جي وارثن تعريف ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language