
لاڙڪاڻو : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) لاڙڪاڻي ڀرسان بقاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا مهر ۾ گذريل 13 ڊسمبر تي پير شير ايٽ عاقل، ماهوٽا، شهيد الاهي بخش سيال ۽ ٻين ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جي اطلاع تي چڙهائي ڪئي، جتي مبينا مقابلي ۾ اي ايس آءِ مظفر حسين کوسو ۽ پوليس ڪانسٽيبل نواب علي جتوئي شهيد ٿيا هئا ۽ مقابلي ۾ راجا عرف راجو مهر مارجي ويو هو، جنهن واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ نوٽيس وٺندي ان وقت جي ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ امجد شيخ جي سربراهيءَ ۾ ٽي رڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ ايس ايس پي تنوير تونيو، انسپيڪٽر ياسن ٽڳڙ ۽ ميران خان دراني شامل هئا، ڪاميٽي جي سربراهه امجد شيخ طرفان اهڙي رپورٽ ڊي آءِ جي مظهر نواز شيخ کي پيش ڪئي آهي،
جنهن جي سفارش تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او سب انسپيڪٽر طالب حسين جوڻيجو کي نوڪري تان برطرف ڪرڻ سان گڏ ايس ايچ او انسپيڪٽر عرس نوناري ۽ ايس ايچ او سب انسپيڪٽر علي حسن مغيري کي بحال ڪري ڇڏيو آهي. ڊي آءِ جي طرفان جاري ڪيل آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اوهان مٿان مبينا طور الزام هو ته اوهان 13 ڊسمبر 2021 تي ايس ايچ او شهيد الاهي بخش سيال، ماهوٽا ۽ انچارج مجاهد الاهي سان گڏ ڳوٺ وڏا مهر ۾ ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، جتي مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري راجا عرف راجو مهر مارجي ويو، اوهان جي ناقص رٿابندي ۽ غير پيشيوراڻا رويي مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ڪارروائي نامناسب وقت شهري علائقي ۾ سج لهڻ کان پوءِ ڪرڻ سان اي ايس آءِ مظفر حسين کوسو ۽ نواب جتوئي شهيد ٿيا هئا.
اطلاع موجب ڏوهارين پوليس جي گاڏين کي نقصان پهچايو ۽ سرڪاري هٿيار کسي ڇڏيا، ان مان ظاهر آهي ته اوهان پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ پاڻ کي نااهل ۽ غير ذميوار پوليس آفيسر ثابت ڪيو آهي، فيڪٽ فائنڊنگ ڪاميٽي جي انڪوائري رپورٽ جو جائزو وٺڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور جي رپورٽ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڇاپي دوران اوهان جي بزدلي، بدانتظامي ۽ ناقص رٿابندي جي ڪري پوليس کي ايڏو وڏو نقصان ٿيو، جنهن سان اتفاق ڪندي ان ڪري اوهان کي وڏي سزا جو ذميوار قرار ڏيندي نوڪري مان برطرف ڪيو ٿو وڃي، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پاڻ 30 ڏينهن اندر آءِ جي سنڌ ڪراچي کي اپيل ڪرڻ جي لاءِ آزاد آهيو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language