ڪراچي : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انشاءَ الله بي اعتمادي رٿ ايندي ۽ ماحول تبديل ٿي ويندو، بي اعتمادي رٿ جي مشهوري ناهي ٿيندي، نمبر گيم پوري ٿيڻ بعد ئي اها رِٿ آندي ويندي آهي
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪمرانن ملڪ جي هر شعبي ۾ تباهي ڪئي آهي، پاڪستان ڪرپشن ۾ دنيا جي 16 ملڪن کي پوئتي ڪري ڇڏيو
هن چيو آهي ته ڪرپشن جي رفتار اها رهي ته عمران خان جي حڪومت دنيا جي نمبر ون ڪرپٽ حڪومت بڻجي ويندي، حڪمرانن کي لُٽيل اربين رُپين جو حساب ڏيڻو پوندو
نام نهاد احتساب جي نالي تي ڪيس کي چوٿون سال آهي، اسان 4 سالن کان ڪيس ڀوڳي رهيا آهيون ۽ جج به پريشان آهن، اسان ته هر پيشي تي ايندا آهيون ۽ چوندا آهيون ڪيميرائون لڳايون
هن چيو ته اهڙو ڪو به کاتو ناهي جنهن ۾ ڪرپشن نه هجي، دوائن جي اسڪينڊل، کنڊ ۽ ڪڻڪ سميت درجنين اسڪينڊل سامهون آيا آهن
شاهد خاقان وڌيڪ چيو ته هو ادارن جي آفيسرن کي چوندو قانون جي پاسداري ڪن ته جيئن آرڊيننس رد ٿي سگهي، حڪمرانن ملڪ جو هر ادارو تباهه ڪري ڇڏيو آهي
0 تبصرے
Do not use vulgar language