welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

سکر: عدالت پاران گمبٽ ۾ شيوا مندر جي ٺهندڙ 36 دڪان وارو ڪم روڪڻ جو حڪم

سکر : (اڱارو 08 فيبروري 2022ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ گمبٽ ۾ شيوا مندر جي ٺهندڙ 36 دڪان وارو ڪم روڪڻ جو حڪم ڏيندي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ هندو پنچائت گمبٽ جي اڳوڻي مکي راجڪمار جي درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ۽ جسٽس امجد سهتو ڪئي درخواست گذار چيو ته گمبٽ ۾ شيوا مندر جي موجوه پنچائت 36 دڪان غيرقانوني ٺهرائي رهي آهي ان کي روڪيو وڃي وڪيل خان محمد سانگي چيو ته ٻڌڻي دوران عدالت گمبٽ ۾ شيوا مندر جي 36 دڪان ٺاهڻ وارو ڪم روڪڻ لاءِ اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي، عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي ۽ ڌر ڄاڻايلن کي ذاتي حيثيت ۾ 23 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو به حڪم ڏنو

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے