واشنگٽن:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ چيو ته آمريڪا کي حملي جي جڳهه تي افسوس آهي.
وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ هڪ نيوز بريفنگ دوران چيو ته اسرائيلي حملو هڪ خودمختيار ملڪ تي هڪ طرفي بمباري هئي، پينٽاگون ٽرمپ انتظاميه کي دوحا حملي کان اڳ ۾ آگاهي ڏني هئي، ۽ آمريڪا اسرائيلي حملي کي پنهنجي حڪمت عملي جو حصو نٿو سمجهي.
ڪيرولائن ليوٽ وڌيڪ چيو ته صدر ٽرمپ قطر جي امير سان ڳالهايو آهي، ۽ ٽرمپ قطر کي يقين ڏياريو آهي ته اهڙو واقعو انهن جي سرزمين تي ٻيهر نه ٿيندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language