ڪوٽڙي:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)ڪوٽڙي اسٽيشن ڀرسان لاھور کان ڪراچي ويندڙ مال گاڏي جون ٻه بوگيون انجڻ سميت پٽڙي تان لھي ويون، ريلوي انتظاميه جو چوڻ آھي ته مال گاڏي جو حادثو ڪوٽڙي ريلوي اسٽيشن جي ڊائون يارڊ ويجھو پيش آيو آھي، عملدارن جو چوڻ آھي ته حادثي کان پوء ريل جو انجڻ ھڪ ٽريڪ تان ٻئي ٽريڪ تي منتقل ٿي ويو.
ٽريڪ ويجھو وڏي آبادي آھي جيڪا وڏي نقصان کان بچي وئي، عملدارن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته ريلوي جي مين ٽريڪ کي بحال ڪيو ويو آھي ۽ ٽرين جي ٽريفڪ کي به بحال ڪيو ويو آھي.
ريلوي اختيارن موجب مال گاڏي متاثر ٿي آھي، مال گاڏي جي ٽريفڪ کي في الحال روڪيو ويو آھي، ڪرين کي طلب ڪيو ويو آھي، بجاء جو ڪم جاري آھي ، انجڻ ۽ ٻئي بوگيون چئن ڪلاڪن اندر پنھنجي روٽ تي اچي وينديون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language