ڪراچي:(اربع 10 سيپٽمبر 2025ع)ڪراچي جي گڊاپ علائقي ۾ ڪونڪر نديءَ ۾ ست ماڻهو ٻڏي ويا، جن مان چار لاش ڪڍيا ويا.
ريسڪيو عملدارن موجب، ڪونڪر درياءَ ۾ حادثو ٻن گاڏين جي ٻڏڻ سبب پيش آيو. چئن ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته ٻڏي ويل ٻين ماڻهن جي ڳولا جاري آهي.
ريسڪيو عملدارن موجب، ٽن ماڻهن جي ڳولا ۾ سڄو ڏينهن بچاءُ جون ڪارروايون جاري رهيون. اونداهي سبب بچاءُ جون ڪارروايون بند ڪيون ويون. ٽن ماڻهن جي ڳولا صبح جو ٻيهر شروع ڪئي ويندي.
ٻئي طرف، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ملير ڪينٽ ذريعي سعدي ٽائون پهتو. سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته لٺ ڊيم ۽ ٿاڊو ڊيم جي اوور فلو جو پاڻي موٽر وي ذريعي سعدي ٽائون ۾ آيو.
سنڌ جو وڏو وزير گاڏي مان ٻاهر نڪتو ۽ علائقي جي رهواسين سان ملاقات ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته واٽر بورڊ، ريسڪيو ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊ جون گاڏيون پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آهن.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڪالهه کان وقفي وقفي سان مينهن جو سلسلو جاري آهي ۽ موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ شهر ۾ وڌيڪ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language