welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

فلسطيني چيف جسٽس ۽ مسجد اقصيٰ جو امام پاڪستان پهچي ويا، مذهبي معاملن واري وزير سان ملاقات

اسلام آباد:(خميس 04 سيپٽمبر 2025ع)فلسطين جو قاضي القضاته(چيف جسٽس) ڊاڪٽر محمود صدقي عبدالرحمان الهباس جي سربراهي ۾ 4 رڪني وفد مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان ملاقات ڪئي آهي. وفاقي راڄڌاني ۾ ٿيل انهي اهم ملاقات ۾ امام مسجد اقصيٰ ۽ امام مسجد ابراهيمي به شريڪ هئا. فلسطيني وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاني، مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام سان همدردي جو اظهار ڪيو. انهي موقعي تي سردار محمد يوسف چيو ته ملت فلسطين جي حمايت دين، نسل، عقيدي ۽ ثقافت کان مٿانهون ٿي هڪ انساني، اخلاقي فرض آهي. هن غزه ۾ جاري اسرائيلي فوج جي هٿان فلسطينين جي قتل عام ۽ مقدس هنڌن جي پامالي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان هر حال ۾ فلسطين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي غزه جي مطلوم عوام جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو پيو وڃي. قاضي القضاته فلسطين جي ڊاڪٽر محمودالهباش پاڪستان جي مستقل حمايت تي ٿورائتو ٿيندي چيو ته غزه ۾ جاري ظلمن تي عالمي سطح تي بهتر طريقي سان آواز ٿارڻ تي اسان پاڪستان جا تمام گهڻا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سيپٽمبر جي دوران ڪيترائي ملڪ فلسطين کي آزاد ۽ خودمختار رياست جي طور تي مڃي رهيا آهن هاڻ اهو وقت ويجهو آهي جڏهن عالم اسلام جا اڳواڻ مسجد اقصيٰ ۾ گڏ ٿي شڪراني جا نفل ادا ڪندا.ملاقات ۾ ٻنهي طرفان گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے