لاھور:(سومر 01 سيپٽمبر 2025ع)مشهور مزاحيه اداڪار ۽ اداڪار انور علي ڊگهي بيماري کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.
خانداني ذريعن موجب، انور علي ڦڦڙن، گردن ۽ دل جي بيمارين ۾ مبتلا هو، سندس عمر 71 سال هئي.
خانداني ذريعن موجب، انور علي کي گذريل ڏينهن سندس صحت خراب ٿيڻ سبب اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
انور علي جي جنازي نماز سڀاڻي ظهر جي نماز کان پوءِ ماڊل ٽائون لنڪ روڊ تي ادا ڪئي ويندي.
انور علي اسٽيج ۽ ٽي وي تي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language