welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

قصور: برسات دوران ڇتون ڪرڻ سبب 4 ڄڻا فوت، 7 زخمي

قصور:(سومر 01 سيپٽمبر 2025ع)برسات دوران ٿيل مختلف حادثن ۾ قصور جي مختلف علائقن ۾ ڇتون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جن ۾ 2 نوجوان ڇوڪرا به شامل آهن. ريسڪيو ذريعن موجب قصور جي علائقي رنگ پور ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 50 ورهين جو منير احمد ٿڏي تي فوت ٿي ويو، تيز برسات سبب ڇت ڪمزور ٿي وئي هئي جنهن سبب اهو حادثو پيش آيو. ڪنگن پور ۾ به هڪ دل ڏکوئيندڙ حادثو پيش آيو، جتي هڪ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 16 ورهين جو عامر فوت ٿي ويو. ملبي هيٺيان دٻجي اهو فوت ٿي ويو. انهي علائقي ۾ هڪ ٻيو خوفناڪ واقعو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو ملڪ نيامت علي ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويو. قصور جي علائقي باقر ۾ ڪچي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 12 ورهين جو ذيشان ملبي هيٺيان دٻجي فوت ٿي ويو، اهو حادثو تيز برسات جي دوران پيش آيو جنهن سبب گهر جي ڇت پنهنجي جڳهه کان هٽي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ذيشان انهي جي هيٺيان اچي ويو. اهڙن حادثن ۾ ٻارن ۽ عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڊاڪٽرن جون ٽيمون انهن کي طبي امداد ڏيڻ ۾ مصروف آهن. ريسڪيو اهلڪارن فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ملبي مان ماڻهن کي ڪڍيو ۽ زخمين کي محفوظه نڌن تي منتقل ڪيو پر، تيز برساتن سبب علائقي ۾ وڌيڪ ڇتون ڪرڻ جو خطرو موجود آهي جنهن سبب انتظاميه ايمرجنسي قدم وڌائي ڇڏيا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے