
راولپنڊي:(سومر 01 سيپٽمبر 2025ع)تربيتي اڏام جي دوران پاڪ فوج جو هيليڪاپٽر حادثي جو شڪار ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 5 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج جو ايم آءِ 17 ڪاپٽر تربيتي اڏام جي دوران بڊور ڳوٺ جي ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو، حادثو صبح تقريبن 10 وڳي پيش آيو، هيليڪاپٽر تهڪداس ڪينٽونمينٽ کان تقريبن 12 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ڪريش لينڊنگ کان پوءِ تباهه ٿيو.
پاڪ فوج جي ترجمان ٻڌايو ته هيليڪاپٽر ۾ موجود سمورو عملو شهيد ٿي ويو، شهيدن ۾ پائلٽ ان ڪمانڊ ميجر عاطف، ڪوپائلٽ ميجر فيصل، فلائٽ انجنيئر نائب صوبيدار مقبول، ڪريو چيف حوالدار جهانگير ۽ ڪريو چيف نائيڪ عامر شامل آهن.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته هيليڪاپٽر تربيتي اڏام تي هو تڏهن انهي کي ٽيڪنيڪي خرابي پيش آئي، آرمي ايوي ايشن جون تربيتي اڏامون معمول جو حصو آهن ته جيئن آپريشنل تياري کي وقت تي يقيني بنائي سگهجي. بيان ۾ چيو ويو ته اها تربيت دفاعي ذميوارين سان گڏوگڏ انساني همدردي تي ٻڌل امدادي، بحالي جي مشنز لاءِ ضروري آهي، ملڪ جو دفاع ۽ عوامي خدمت جي هر رخ ۾ ڀرپور تياري يقيني بنائي ويندي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چلاس ڀرسان آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي ڪريش لينڊنگ جي واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ٿيل پائلٽس ميجر عاطف، ميجر فيصل سميت عملي جي 5 ڄڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، هن شهيدن جي خاندانن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
گهرو وزير شهيد ميجر عاطف، ميجر فيصل، نائب صوبيدار مقبول، حوالدار جهانگير ۽ نائيڪ عامر جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جوان فرض جي ادائيگي دوران شهادت جو رتبو ماڻيو. محسن نقوي چيو ته شهيدن جي وارثن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، ڏک جي گهڙي ۾ سوڳوار خاندانن سان گڏ آهيون.
0 تبصرے
Do not use vulgar language