واشنگٽن:(سومر 01 سيپٽمبر 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڀارت آمريڪي شين تي ٽيرف صِفر ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر هاڻي وقت گذري ويو آهي، اهڙي آڇ کين گهڻو اڳ ڪرڻ گهرجي ها.
صدر ٽرمپ جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڀارت سان آمريڪا جو واپار تقريبن ناهي، پر ڀارت اسان سان وڏي پيماني تي واپار ڪري ٿو، هن چيو ته ٻئي لفظن ۾، ڀارت اسان کي شيون وڏي مقدار ۾ وڪرو ڪري ٿو، جڏهن ته اسين کين تمام ٿورو سامان برآمد ڪندا آهيون.
صدر جو چوڻ هو ته هي لاڳاپو ڏهاڪن کان هڪ طرفو رهيو آهي، ڇو ته ڀارت هميشه آمريڪي شين تي تمام گهڻا ٽيرف لاڳو ڪندو رهيو آهي، جيڪي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.
ٽرمپ چيو ته اسان جون ڪمپنيون ڀارت ۾ ڪجهه به وڪرو نٿيون ڪري سگهن، جيڪو مڪمل طور تي هڪ طرفي تباهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجو تيل ۽ فوجي شيون آمريڪا کان گهٽ پر روس کان وڏي پيماني تي خريد ڪري ٿو.
صدر ٽرمپ چيو ته هاڻي ڀارت ٽيرف صِفر ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، پر وقت گذري ويو آهي، کين اهو قدم سالن کان اڳ کڻڻ گهرجي ها.
0 تبصرے
Do not use vulgar language