شھدادپور:(سومر 01 سيپٽمبر 2025ع)شھدادپور لڳ لنڊو ريلوي اسٽيشن تي مقصودو رند روڊ جي ريلوي ڦاٽڪ تي ڀاء کي خود ڪشي ڪرڻ کان بچائيندي ٻئي سڳا ڀائر ريل جي ٽڪر ۾ چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.
شهدادپور ويجهو لنڊو ريلوي اسٽيشن جي مقصودورند روڊ جي ريلوي ڦاٽڪ تي پنجاپ کان ڪراچي ويندڙ عوامي ايڪسپريس جي آڏو ذھني مريض ڀاء کي بچائيندي ريل جي ٽڪر ۾ ٻئي سڳا ڀائر ڳوٺ رجب علي زرداري واسي غلام علي، محمد علي ولد غلام قادر بروهي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا .
اهڙي اطلاع تي ريلوي پوليس پھڇي ٻنھي ڀائرن جا لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا ۽ پوسٽ مارٽم لاء سمس اسپتال شھدادپور آندا ويا. لنڊو ٿاڻي جي پوليس موجب شروعاتي ڄاڻ ملي آهي ته هڪ ڀاء پنهنجي ذهني مريض سڳي ڀاءُ کي ريل گاڏي اڳيان اچي خودڪشي ڪرڻ کان بچائيندي ٻئي سڳاڀائر ٽرين هيٺيان اچي فوت ٿي.ويا آھن بئي فوتي ڀائر ڳوٺ رجب علي زرداري واسي غلام علي بروھي ۽ محمد علي بروھي آهن. سندن وارثن کي اطلاع ڪيو آھي. وارثن جي پهچڻ بعد ضروري ڪاروائي بعد لاش سندن حوالي ڪيا ويندا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language