welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

وفاقي حڪومت جو قرض ۽ واجبات ملڪ جي تاريخ ۾ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويا

ڪراچي:(اڱارو 09 سيپٽمبر 2025ع)ملڪ جو قرض ۽ ذميواريون ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن اسٽيٽ بينڪ جون 2025 تائين ملڪ جي قرض ۽ ذميوارين جو ڊيٽا جاري ڪيو آهي. انگن اکرن موجب، مالي سال 2025 ۾ وفاقي حڪومت جو قرض 13 سيڪڙو وڌيو. جون 2025 تائين وفاقي حڪومت جو قرض 77,888 ارب رپيا هو، جيڪو جون 2024 ۾ 68,914 ارب رپين کان وڌي ويو آهي. اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وفاقي حڪومت جو گهريلو قرض 15.5 سيڪڙو وڌي 54,471 ارب رپيا ۽ حڪومت جو ٻاهرين قرض 7.6 سيڪڙو وڌي 23,417 ارب رپيا ٿي ويو آهي

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے